سنهاري ڍنڍ

سنهاري ڍنڍ: هيءَ خيرپور ناٿن شاهه تعلقي، ضلعي دادوءَ جي مشهور ڍنڍ آهي، جيڪا گوزي شهر جي اتر ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ خيرپور ناٿن شاهه جي اهم ۽ وڏي ڍنڍ آهي. ڪنهن دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ هُڙها، ڊونڊيون ۽ بتيلا موجود هوندا هئا، جيڪي مڇي مارڻ لاءِ ڪم ايندا هئا. هن ڍنڍ ۾ ملاح گھڻو وقت اڳ ٻيڙين تي رهندا هئا. هن ڍنڍ مٿان ڇَتي جي مياڻي آهي، ڇتي جي مياڻي پراڻو ڳوٺ آهي، پر سنهاري ڍنڍ اُن کان قديم آهي. سنهاري ڍنڍ ۾ ٻيلي پَتڻ کان درياهه جي ڇاڙهه اچي پوندي هئي. هيءَ ڍنڍ ماضيءَ ۾ ڪُشادي هئي. ميربحر مڇيءَ جي پهري ٻيڙين تي ڪندا هئا ۽ گهڻو وقت ڍنڍ ۾ ٻيڙين تي گهر ٺاهي رهندا هئا. هتان مڇي ڪڪڙ شهر جي مارڪيٽ ۾ ايندي هئي. سنهاري ڍنڍ واري درياهه جي ڇاڙهه موجوده ڇنڊڻ جي اولهه ۾ هوندي هئي.


لفظ سنهاري ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو